جان پولن

جان پولن: جان پولن سنڌ ۾ ڪليڪٽر ٿي رهيو، هو ڊبلن ۾ پڙهيو. 1869ع ۾ ڪميشن پاس ڪيائين. 1874ع کان 1878ع تائين ڏُڪار جي خاص ڊيوٽيءَ تي فائز رهيو. مارچ 1879ع ۾ اسپيشل سيٽلمينٽ ڊيوٽي ڪيائين. وقتي انڊر سيڪريٽري ٽو بمبئي گورنمينٽ، پوليٽيڪل ۽ ڪلر ڊپارٽمينٽ (1880)، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ برانچ انسپيڪٽر جنرل آف رجسٽريشن ۽ اسٽيمپس سنڌ جي حيثيت سان اپريل 1881ع تائين رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي بهترين ڄاڻو هئڻ ڪري کيس حڪومت جو سنڌي ترجمي نگار مقرر ڪيو ويو. مئي 1886ع کان 1887ع تائين ميرپورخاص جو ڪليڪٽر رهيو، جتان کيس بدلي ڪري حيدرآباد جو وقتي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. مارچ 1892ع تائين جونيئر ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. جون 1896ع ۾ سينيئر ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ جو عهدو ماڻيو. 1900ع ۾ ڪمشنر ڪسٽمز بڻيو. 7 اپريل 1902ع ۾ ايڊيشنل ميمبر آف ليجسليٽو ڪائونسل بمبئي ٿيو. 1903ع ۾ سي آءِ اي مقرر ٿيو. جولاءِ 1903ع ۾ رٽائرمينٽ وٺڻ کان پوءِ لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ لڳي ويو ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾ ’لائينز فرام رشين ايس‘ اهم آهي. هو قانون ۾ڊاڪٽريٽ هئڻ ڪري پنهنجي وقت جو بهترين وڪيل پڻ هو، اهو ئي سبب هو، جو ميرپورخاص ضلعي جي ڪليڪٽرن واري بورڊ تي سندس نالي پٺيان ڊاڪٽر لکيل آهي.



لفظ جان پولنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو